سيد حسين شاهه جي مزار

سيد حسين شاهه جي مزار: سيد حسين شاهه عرف ڪاڇيلاڻي جي مزار ضلعي ٺٽي تعلقي جاتي ۾ ميرپور بٺوري رستي تي مير خانه موري جي اولهه ۾ واقع آهي. هي بزرگ ٻه سؤ سال اڳ جو چيو وڃي ٿو. مقامي روايتن مطابق هن بزرگ جو اچڻ ڪڇ کان ٿيو. پاڻ زهد و تقويٰ جو صاحب هو. سندس مزار تي ساليانو ميلو به لڳندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو